اينگلو ورنيڪيولر اسڪول سکر

اينگلو ورنيڪيولر اسڪول سکر: هيءُ اسڪول سکر شهر جو پهريون انگريزي اسڪول هو، جيڪو 60- 1859ع ڌاري ميونسپل هال ۾ کوليو ويو هو. ان ۾ پهريائين چئن درجن تائين تعليم ڏيڻ شروع ڪئي وئي. بعد ۾ ملٽري کاتي جي هڪ بلڊنگ ۾ ان اسڪول کي شفٽ ڪيو ويو، جتي ڇهن درجن تائين تعليم وڌائي وئي. 1911ع ڌاري ان اسڪول کي هاءِ اسڪول جو درجو ڏنو ويو. 1920ع ۾ اسڪول تي ”تلڪ هاءِ اسڪول“ نالو پيو ۽ بعد ۾ سکر جو وڏو اسڪول بڻيو، جنهن کي هاڻي ”گورنمينٽ هاءِ اسڪول سکر“ چيو ويندو آهي، جيڪو سکر ۾ منارا روڊ تي آهي. ان جي هڪ پاسي اوريئنٽل ڪاليج آهي ته ٻئي طرف ٿورو پرڀرو معصوم شاهه جو منارو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1959.00.00  عيسوي

اينگلو ورنيڪيولر اسڪول سکر: هيءُ اسڪول سکر شهر جو پهريون انگريزي اسڪول هو ، جيڪو 60- 1859ع ڌاري ميونسپل هال ۾ کوليو ويو هو .


1911.00.00  عيسوي

اينگلو ورنيڪيولر اسڪول سکر: 1911ع ڌاري ان اسڪول کي هاءِ اسڪول جو درجو ڏنو ويو . 1920ع ۾ اسڪول تي ” تلڪ هاءِ اسڪول “ نالو پيو ۽ بعد ۾ سکر جو وڏو اسڪول بڻيو ،



درسگاھه - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سينٽ پيٽرڪ اسڪول ڪراچي
ٽريننگ ڪاليج فار وومين حيدرآباد
سنڌي شعبو ممبئي يونيورسٽي
خير محمد آريجا جا مدرسا
ٽريننگ ڪاليج فار مين حيدرآباد
ڊي جي سنڌ ڪاليج اميچوئر ڊراميٽڪ ڪلب
اينگلو ورنيڪيولر اسڪول سکر
درسگاهه قاضي شرف الدين
تعليم السلام مدرسو
درازا جو مدرسو
درسگاھه ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون